پشاور (م ڊ) ڪي پي ڪي جي آءِ جي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو مارچ روڪڻ لاءِ پنڊي کان ڪوبه فون ناهي آيو ۽ نه وري مرڪز مان ڪنهن رابطو ڪيو آهي، آءِ جي ڪي پي ڪي معظم جاهه يوٽيوبرز سميت سوشل ميڊيا تي منفي پروپيگنڊا رد ڪندي چيو ته ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۽ ڏڦيڙ پکيڙن لاءِ اهڙا افواهه پکيڙيا ويندا آهن، ڪي پي پوليس جو سياست ۾ عمل دخل ناهي، لانگ مارچ  کي قانون موجب سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين.