اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ هندو واپاري جي سکر ۾ زمين تي بااثر ايم پي اي پاران قبضو ڪرڻ خلاف  ن ليگ جي ميمبر کيئل داس ڪوهستاني احتجاج ڪيو ۽ آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪالهه پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي ن ليگ جي کيئل داس ڪوهستاني چيو ته سکر ۾ لڌو مل واپاري جي زمين تي بااثر ايم پي اي قبضو ڪيو، جنهن خلاف هڪ ڏينهن اڳ سڄي پاڪستان جي ڪاٽن جنرز احتجاج ڪيو پر ان کي انصاف نه ملي رهيو آهي، اسان موهن جي دڙي جي دور کان سنڌ ۾ آباد آهيون، ڪٿان لڏي نه آيا آهيون،ڌرتي جا پٽ آهيون پر اسان سان زيادتي ٿي رهي آهي، ڪڏهن اسان جي نياڻين سان زيادتي ٿئي ٿي ته ڪڏهن اسان جي زمينن تي قبضا ڪيا وڃن ٿا، لڌي مل جي زمين تي ٿيل قبض بابت آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي وڃي.