ماتلي (ن پ ا) ماتلي ويجھو ڳوٺ حاجي علي محمد کوسو ۾ جوابدارن پاران 13 ورھين جي نينگر سان مبينا بدفعلي ڪري سندس وڊيو ڀري. پوليس موجب ته ٻن جوابدارن پاران ڳوٺ حاجي علي محمد کوسو جي رھواسي قربان علي کوسو جي پٽ 13 ورھين جي  شاھد علي کوسو کي کنڀي جھنگ ۾ وٺي ويا ويا جتي ٻنھي جوابدارن پاران نينگر  بدفعلي ڪري سندس وڊيو ڀري وئي . ھوڏانھن نينگر شاھد علي پاران اھڙو ذڪر پنهنجي پيء سان ڪرڻ تي ھو پٽ کي وٺي ماتلي ٿاڻي تي پھچي ويو جتي ھن ٻن جوابدارن سلطان کوسو ۽ ھڪ نامعلوم خلاف ڪيس داخل ڪرايو جنهن بعد پوليس ھڪ جوابدار سلطان کوسو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان اھا وڊيو به ھٿ ڪئي آھي جڏھن ته ٻئي جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي . ھوڏانھن  پوليس پاران بدفعلي جي شڪار ٿيل نينگر شاھد علي جي ميڊيڪل چڪاس لاء کيس تعلقي اسپتال ماتلي آندو جتي شروعاتي طور تي ڊاڪٽرن پاران نينگر سان زيادتي ٿيڻ جي  تصديق ڪئي وئي آھي.