قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو مڙس جي مبينا تشدد ۾ زخمي ٿيل 6 ٻارن جي ماءُ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت، خبر موجب ڳوٺ شڪل چانڊيو  ۾ مڙس ميرڻ چانڊيو ھٿان مبينا طور تشدد ۾ زخمي ٿيل 6 ٻارن جي ماءُ مسمات شھناز چانڊيو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي، عورت جو لاش قاضي احمد اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، عورت جو لاش گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو، عورت جي ڌيءُ اشھد چانڊيو دانهيندي الزام هنيو ته سندس پيءُ ميرڻ چانڊيو ماءُ کي ڪجھه مھينا اڳ وحشياڻو تشدد ڪري گھر مان ڪڍي ڇڏيو ھو، جيڪا زخمي حالت ۾ پيل ھئي، جنهن بعد هن زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، هن چيو ته سندس والد ٻئي شادي ڪرڻ سبب منهنجي امڙ کي هميشه مارڪٽ ڪندو هو، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آھي ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي ته عورت جي موت جو اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.