حيدرآباد(بيورو رپورٽ)ايڇ ايم سي لطيف آباد تعلقي مان 700 ڪچن ملازمن کي نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي ملازمن ٽن مهينن جون رهيل پگهارون نه ملڻ ۽ نوڪرين مان نيڪالي واري عمل خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ يونائيٽيڊ ليبر فيڊريشن جي سڏ تي بيدخل ملازمن اشرف بوزئي, اڪبر عنايت گل جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ملازمن ٻڌايو ته 2007ع دوران لطيف آباد تعلقي ۾ کين سينيٽري ورڪر طور ڀرتي ڪيو ويو پر پڪو ڪرڻ بدران بنا جواز 2 ڏينهن اڳ بيدخل ڪيو ويو آهي هنن چيو ته بلديا اعلي جي عملدارن کين يونين جي بااثر عهديدارن جي چرچ تي 3 مهينن جو رهيل پگهارون به ادا نه ڪيون آهن جنهن ڪري سندن گهرڀاتي بکون پيا ڪاٽين جڏهن ته نوڪرين تان بي دخلي بعد هو معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويندا ان لاءِ مڪاني کاتو سندن معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن کين ٽن مهينن جون رهيل پگهارون ادا ٿيڻ سان گڏ ٻيهر نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو بلديا اعلي آفيس جو گهيراءِ ڪندا.