ماتلي  (ن پ ا) ماتلي باءِ باس تي شافٽ ۾ ڪپڙو ڦاسڻ سبب رڪشا ڪلٽي  ٿي پيو، جنهن سبب هڪ ڄڻو قاسم خاصخيلي فوت ٿي پيو ۽ لوڪو خاصخيلي  زخمي  ٿي پيو.  پوليس فوتي ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال ماتلي آندو جتان زخمي لوڪو خاصخيلي کي نازڪ حالت هئڻ ڪري حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي، جڏھن ته فوتي ۽ زخمي  ڄمون باغ جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن، هو ماتلي ۽ آس پاس علائيقن ۾ ڪاٻاڙي جو ڪاروبار ڪندا هئا.