روهڙي (ن پ ا) روهڙيءَ ويجهو پٽڻي ٿاڻي  جي حد ٽنڊو ٻوراهو ڀرسان نيشنل ھاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر لڳڻ سبب 8 سالن جي ٻارڙي فوت ٿي وئي. ٻارڙي غلام ڪبريٰ ڌيءَ هدايت الله پتافي روڊ ڪراس ڪرڻ دوران ٽرالر جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پئي. حادثي بعد نينگريءَ کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي آندو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال نيو ويو جتي هوءَ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي. وارثن جو چوڻ ته زخمي ٻارڙي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي آهي. ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي پٽڻي پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.