ماتلي (ن پ ا) ماتلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد رحيم وساڻ ۾ پاڻي جي واري تان وساڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي جهيڙي روڪرائي زخمين کي کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان 4 زخمين عبدالرزاق، رحيم بخش، لکاڏنو ۽ معشوق وساڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي 25 ورهين جو نوجوان مير محمد عرف معشوق وساڻ دم ڏئي ڇڏيو، مقتول نوجوان جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف ڦلڪارا پوليس پوسٽ انچارج قادر سھتي ٻڌايو ته جھيڙيندڙ ٻنھي ڌرين مان ڪير به ٿاڻي تي نه پھتو آھي، جڏھن ته پوليس ڪجھه شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪيو آھي ۽ قتل ٿيل نوجوان جي وارثن سان رابطو ڪيو آھي ،انھن جو چوڻ آھي ته لاش دفن ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪرائيندا.