ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ هٿياربندن جي موٽرسائيڪل ريلي، وڊيو وائرل، پوليس موبائل ۾ موجود هوند به ڪجهه نه ڪيو، خبر موجب رتوديرو جيڪب آباد انڊس هاءِ وي تي موٽر سائيڪلن تي سوار جديد هٿيارن سان ليس ماڻهو ريلي جي صورت ۾ هٿيارن جي نمائش ڪندا رهيا، جن مان ڪجهه ماڻهن کي پوليس جون ورديون پڻ پهريل هيون، ان ڏس ۾ هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ سمندر گوپانگ بس اسٽاپ وٽ نبي شاھ وڳڻ ٿاڻي جي پوليس بيٺل نظر اچي رهي آهي پر هن ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، نبي شاھ ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته گذريل ڏينهن زمين تان اسماعيل بروهي ۽ اعظم کوسو ۾ تڪرار ٿيو هو، جنهن ۾ جيڪب آباد کان ڌرين ونگارو هٿياربند گهرايا هئا، موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربند کوسا برادري جا هئا، جيڪي واپس جيڪب آباد وڃي رهيا هئا، جڏهن ته پوليس مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرايو هو.