ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلو جي ڳوٺ وي لنجا واسي عورت شڪري زال ٺارو ڀيڻ ڪريمان ۽ ڀاءُ ماٺيڻو سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي عورت شڪري الزام هڻندي چيو ته اسان غريب آھيون، جھنگ مان ڪاٺيون ڪرڻ ۽ مال چاري پيٽ گذر ڪندا آھيون، هن چيو ته آئون ۽ منھنجي ڀيڻ سلمه جھنگ مان مال ڪاھي گھر اچي رھيون ھيوسين ته ٻن ڄڻن رمضان ۽ فيض محمد اسان کي زبردستي جھلي مارڪٽ ۽ تشدد بعد زيادتي جو نشانو بڻائي موبائل ۾ وڊيو ٺاھڻ بعد خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ۽ اسان کي جھنگ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، هنن چيو ته ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، پوليس به دانهن نه ٿي ٻڌي، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس موجب به عورتن جي وارثن جي فرياد تي اين سي داخل ڪئي آهي، مامري جي جاچ ڪيون پيا.