ماءٌ پيءُ کان جھيڙو ٿيڻ بعد نوجوان غار ۾ رھڻ شروع ڪري ڇڏيو

0
444

ماءُ پيءُ کان جھيڙي يا بحث مباحثي کانپوءِ اڪثر نوجوان پنھنجي ناراضگي جو اظھار مختلف طريقن سان ڪندا آھن، پر اوھان کي اھو ٻڌي حيرت ٿيندي تھ نوجوان ھن صورتحال ۾ گھر ۾ ئي غار ٺاھي ڇڏيو تھ جيئن ھو ان ۾ سڪون سان رھي سگھي. غير ملڪي ميڊيا رپورٽس موجب اسپين سان تعلق رکندڙ نوجوان 6 سال اڳ ماءُ پيءُ کان جھيڙو ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي ئي گھر جي پوئين حصي ۾ غار جي کوٽائي شروع ڪئي ھئي جنھن بعد ھاڻ ھو غار ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. 20 سالن جي اينڊريس 6 سال اڳ گھر جي پوئين حصي ۾ غار کوٺڻ جو منصوبو ھن وقت ٺاھيا جڏھن ماءٌ پيءُ ھن کي انھيءُ ٽريڪ سوٽ سان گڏ ڳوٺ وڃڻ جي اجازت نھ ڏني، انھيءَ ڪشمڪش ۾ اينڊريس فيصلو ڪيو تھ ھو گھر ۾ ئي رھندو ۽ گھر جي پوئين حصي ۾ ھڪ سوراخ جي کوٽائي ڪندو. ٻعير سوچي سمجھي کوٽائي جي عمل ۾ اينڊريس کي مزو ڏيڻ لڳو، ۽ ھن ھر روز اسڪول مان اچڻ بعد کوٽائي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، شوق وڌنڌو ويو ۽ اينڊريس پنھنجي دوست کي بھ ھن منصوبي ۾ شامل ڪري ڇڏيو. غير ملڪي ميڊيا سان ڳالھائڻ دوران اينڊريس جو چوڻ ھو تھ منھنجي ماءُ پيءُ جي خواھش ھئي تھ مان ڳوٺ ڪپڙا پائي وڃان پر مون ٽريڪ سوٽ پائي ڳوٺ وڃڻ پئي چاھيو، انھن مونکي حڪم ڏنو تھ مان طرح جي ڪپڙن ۾ ڳوٺ نٿو وڃي سگھين. لھذا مون فيصلو ڪيو تھ مان گھر ۾ ئي رھي ڪري نجوائي ڪندس. اينڊريس موجب غار جي کوٽائي جي لاءِ ھن ۽ ھن جي دوست روزانو 14 ڪلاڪ ڪم ڪيو ۽ ھن ڪم ۾ 50 يورو (60 ڊالر) لاڳت آئي. اينڊريس جي تيار ڪيل غار ۾ موبائيل فون جي لاءِ وائي فائي سسٽم، موبائيل فون، بجلي ۽ ھيسائين جو ھيٽنگ سسٽم بھ موجودآھي. جيڪڏھن اينڊريس غار جي تعمير کانپوءِ پنھنجو سڄو وقت غار ۾ نٿو گذاري پر ھو چڱو خاصو وقت غار ۾ گذاري ٿو.