لڳي ٿو آرمي چيف مونکي پنهنجو دشمن سمجهي رهيو آهي، جن کي منهنجي حفاظت ڪرڻي آهي، اُنهن مان ئي خطرو آهي: عمران خان

0
214
عمران خان ڪمري ۾ موجود نه

اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ائين لڳي ٿو ته آرمي چيف مونکي پنهنجو دشمن سمجهي رهيو آهي، اسٽيبلشمينٽ سان ڪا ذاتي ويڙهه ناهي، هاڻ ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي ته مان ڇا ڪري سگهان ٿو؟

لاهور ۾ صحافين سان ملاقات ۾  ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪير ائين ٿو سمجهي ته مان گوڏا کوڙي ڇڏيندس ته اِهو نٿو ٿي سگهي، ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي ته مان ڇا ڪري سگهان ٿو؟، ملڪ جي بهتري لاءِ آرمي چيف سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان

هن چيو ته مان چئلينج ڪريان ٿو ته منهنجي ۽ منهنجي زال خلاف ڪرپشن جو ڪيس ثابت ڪري ڏيکاريو

هن چيو ته زور ڀريو ويو ته پرويز الاهي منهنجو ساٿ ڇڏي ڏئي، هاڻي اسان کي پرويز الاهي کي وفاداري ڏيکارڻي آهي، مان ڪنهن سان بيوفائي نٿو ڪري سگهان

اڳوڻي وزير اعظم چيو ته زندگي کي خطري بابت منهنجو رڪارڊ ڪيل وڊيوز موجود آهن، اِهي وڊيوز پرڏيهه ۾ به موجود آهن

هن چيو ته هڪ ئي ڀيري عام چونڊون ٿي وڃن ته پئسن جي بچت ٿيندي، اسان پي ڊي ايم جي امپائرز جي باوجود اليڪشن کٽيون، اوور سيز پاڪستاني تحريڪ انصاف سان گڏ آهن

پي ٽي آءِ چيئرمين مخصوص سيٽن تي آيل عورتون به وڏ وزارت جون خواهشمند هونديون آهن، پنجاب جي وڏي وزير جو هاڻ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو ته قتل عام ٿي ويندو

هن چيو ته مون اسلام آباد جهاز ذريعي نه وڃڻ جو فيصلو رات 12هين وڳي ڪيو، خبر آئي هئي ته مونکي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري بلوچستان منتقل ڪيو ويندو، جن کي منهنجي حفاظت ڪرڻي هئي، مونکي اُنهن مان ئي خطرو آهي، جيل ۾ بند ڪرڻ سان ووٽ بينڪ ۾ اضافو ٿيندو آهي

عمران خان چيو ته آرمي چيف مون خلاف ڪو ڪرپشن جو ڪيس سامهون آڻي، ائين لڳي ٿو ته آرمي چيف مونکي پنهنجو دشمن سمجهي ورتو آهي، اسٽيبلشمينٽ کي سمجهه ئي ناهي ته سياست ڇا هوندي آهي، جنرل رٽائرڊ باجوه منهنجي پٺيءَ ۾ چاقو هنيو، باجوه روس جي مخالفت ۾ تقرير ڪئي، اُن تقرير کانپوءِ باجوه جو ڪورٽ مارشل ٿيڻ کپي ها

عمران خان چيو ته سعودي ولي عهد وزير اعظم محمد بن سلمان هاڻ به مون سان رابطي ۾ آهي، فوج جو مضبوط هُجڻ لازمي آهي