صدر پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 30 اپريل جي تاريخ ڏئي ڇڏي

0
124

اسلام آباد: صدر عارف علوي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 30 اپريل جي  تاريخ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي اليڪشن ڪميشن جي خط جي جواب ۾ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 30 اپريل جي تاريخ ڏني آهي

اليڪشن ڪميشن اڄ صدر کي خط لکي اليڪشن لاءِ 30 اپريل کان 7 مئي تائين جون تاريخون تجويز ڪيون هيون

اليڪشن ڪميشن چيو هو ته پنجاب ۾ 30 اپريل کان 7 مئي دوران چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون

اليڪشن ڪميشن پنهنجي خط ۾ پنجاب اندر چونڊن لاءِ صدر آڏو تاريخون تجويز ڪندي لکيو هو ته صدر پاران تاريخ جي چونڊ ڪرڻ بعد اليڪشن ڪميشن پنهنجا آئيني ۽ قانوني فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ تيار آهي

هي به پڙهندا

ڇا ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار اڄ شام استعيفيٰ جو اعلان ڪندو؟