لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي هڪ ٻئي وڪيٽ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي، نواز ليگ پنجاب  اسيمبلي جي ميمبر جليل شرقپوري به اسيمبلي رڪنيت تان استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جليل شرقپوري جلد باضابطه اسيمبلي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندو. نواز ليگ جو ايم پي اي استعيفا ڏئي تحريڪ انصاف ۾ باضابطه شموليت جو اعلان ڪندو. ذريعن موجب جليل شرقپوري تحريڪ انصاف قيادت سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران استعيفا جو اعلان ڪندو، جنهن کانپوءِ هو پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي کي پنهنجي استعيفا پيش ڪندو. ميان جليل احمد شرقپوري پ پ 139 شيخوپوره مان نواز ليگ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيو آهي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ خانيوال کان نواز ليگ جي اسيمبلي ميمبر فيصل نيازي به اسيمبلي رڪنيت تان استعيفا ڏني هئي. فيصل نيازي به ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ باضابطه تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪندو.