اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت وفاقي  سرڪاري ادارن ۾ ڇنڇر ڏينهن واري موڪل بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙي منظوري وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اڄ ٿيندڙ ڪابينا اجلاس ۾ ڏني ويندي. وزيراعظم هفتي ۾ 6 ڏينهن سرڪاري آفيسون کولڻ جو حڪم جاري ڪيو هو جنهن جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏني هئي، حڪومت کي پاڪستان بزنس ڪونسل تجويز ڏني هئي ته ورڪنگ ڏينهن 5 رکڻ سان ملڪ ۾ توانائي جي بچت ٿيندي.