لنڊن(م ڊ) برطانيا جي پوليس راڻي جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ شاهي خاندان جي قافلي ڏانهن وڌندڙ نينگر کي تشدد ڪري گرفتار ڪري ورتو. شاهي خاندان جو قافلو ڪارن ۾ وڃي رهيو هو ته رستي جي هڪ پاسي تي رنڊڪن جي ٻاهران بيٺل نينگر رنڊڪ پار ڪري قافلي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس وارا هوشيار ٿي ويا ۽ هنن ان نينگر کي پڪڙي ورتو ۽ مٿس تشدد به ڪيو. اها وڊيو به وائرل ٿي وئي جنهن ۾ نينگر چئي رهيو آهي ته مون کي ڇو پيا پڪڙيو مون کي خبر ناهي ته ڇو پڪڙيو پيا.