لنڊن(م ڊ) پي ٽي آءِ ڪارڪنن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو لنڊن ۾ وري گهيرو ڪري نعريبازي ڪئي، محافظن ۽ نواز ليگ جي ڪارڪنن مارڪٽ ڪري پي ٽي آءِ جي حامين کي ڀڄائي ڇڏيو. ڪالهه نواز شريف لنڊن جي علائقي ۾ محافظن سان گڏ پسار ڪري رهيو هو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن کيس ڏسي گڏي ٿي ويا ۽ سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. هنن چور چور جا نعرا هنيا. محافظن ۽ نواز ليگ جي ڪارڪنن پهچي نعريبازي ڪندڙن کي ڀڄائي ڇڏيو. بعد ۾ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن دانهون ڪندا رهيا ته نواز ليگ جي ماڻهن کين مارڪٽ ڪئي آهي.