لنڊن(م ڊ) سنڌ واسي نوجوان شايان لغاري انگلينڊ ۾ هزارين فٽ اوچائي تان اجرڪ ڦڙڪائي ڇڏيو. ڪالهه  شايان  لغاري 18 هزار فُٽ اونچائي تان اسڪاءِ ڊائيونگ ڪري سنڌ جي سڃاڻپ اجرڪ کي ڦڙڪايو، جوهي جَي رهواسي نوجوان شايان لغاري جو چوڻ آهي ته اِهو جمپ ڏيڻ جو مقصد دنيا آڏو سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سميت سنڌ جِي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ آهي، اِن کان اڳ به شايان لغاري دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به سنڌي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسڪاءِ ڊائيونگ ڪري چڪو آهي