ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي  فورسز جي آپريشن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن. آءِ ايس پي آر جي رپپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود به مليو آهي. آپريشن دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن کي به بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ٻئي طرف هرنائي مان لاپتا ٿيل 7 پورهيتن جو پتو پئجي نه سگهيو آهي.