ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ليبرکاتي جي ماتحت اداري سيسي جي ڪمشنر سکر سرڪل جي ڊپٽي چيف  ميڊيڪل آفيسر کي پگھارن سميت 2 سالن جي موڪل ڏئي ڇڏي، ڊپٽي چيف ميڊيڪل آفيسر صلاح الدين ڦلپوٽو سڀاڻي کان موڪل تي روانو ٿي ويندو،ان ڏس ۾  سيسي ڪمشنر رفيق قريشي طرفان منظوري ڏيڻ بعد ڊائريڪٽر (ايڊمن) پگهار سان موڪل وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سيسي ذريعن موجب رُولز تحت ڊگهيون موڪلون بنا پگھارن جي ڏئي سگھجن ٿيون، باقي پگھارن سميت 2 سالن جون موڪلون ڏيڻ رولز خلاف آهي. هوڏانهن سيسي ڪمشنر رفيق قريشي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون کي معاملي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، آئون ريڪارڊ  ڏسڻ بعد موقف ڏيندس