لعلورائنڪ (رپورٽ:پرويز خاصخيلي) لعلو رائنڪ جي نوجوان بيٽسمين انعيم جتوئي شاهد آفريدي جو تيز ترين سينچري وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.لعلو ڪنگ سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ جي 13 رائونڊ ۾ ڪنگ اليون جي ڪپتان امجد شيدي ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو بهتر ثابت ٿيو. اوپنر انيم جتوئي 16 ڇڪن جي مدد سان 35 بالن تي 125 رنز جي اننگز کيڏي. ان کان اڳ شاهد آفريدي 37 بالن تي تيز ترين سينچري جو رڪارڊ جوڙيو هو. ڪنگ اليون 10اوورن ۾ 226 رنز جو هدف ڏنو، جواب ۾ ڪنگ سپر اسٽار جي سموري ٽيم 145 تي ڍير ٿي وئي، انيم جتوئي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.