ڊيلي پنهنجي اخبار جي ٻي سالگرهه ۽ ٽائيم نيوز ٽي وي جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جو صحافتي سفر اوهان جي راءِ ۾ ڪيئن رهيو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن سالگرهه جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز ٿوري وقت ۾ پاڻ مڃايو آهي، ٻئي ادارا سنڌي صحافت جا بهترين ادارا آهن، پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز مظلوم غريب عوام جو آواز ايوانن تائين پهچايو آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مرڪ منان چانڊيو لکيو ته پنهنجي اخبار پنهنجي ماروئڙن سان سُٺو نڀاءُ ڪيو آهي. پنهنجي اخبار ٿورڙي ئي وقت ۾ مظلوم ماڻھن جي دردن جي درمان بڻي آھي. پنهنجي اخبار جي ٻي سالگرهه جي موقعي تي سڄي سٿ کي مبارڪون پيش ڪجن ٿيون. عابد لاشاري لکيو ته سنڌ جو محبوب چينل ٽائيم نيوز هڪ سال جي ٿوري عرصي ۾ باقي سنڌي چينلن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ائين ئي پنهنجي اخبار سنڌ جي وڏي اخبار ٿي اڀري آهي. بابر وساڻ لکيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز ٿوري عرصي ۾ سنڌ جو مقبول ترين آواز بڻيو آهي، پرويز خاصخيلي لکيو ته پنهنجي اخبار جي زبردست شروعات ٿي، لاڪ ڊائون دوران ٽائيم نيوز آندو ويو جيڪو مشڪل مرحلو هو، جنهن تي جس هجي، خادم گهراڻو لکيو ته پنهنجي اخبار ٿوري وقت ۾ عوام جو آواز بڻجي وئي آهي، هن جا سوشل ميڊيا ۽ پنهجون چٺيون وارا پيجز اهڙا آهن جنهن ۾ عوام پنهنجي خيالن دردن آهن مسئلن جو اظهار ڪري ٿو، ميگزين پيج جيڪو بند ڪيو ويو اهو هفتيوار جاري ڪيو وڃي، سالگرهه جي موقعي تي سڄي سٿ ۽ پڙهندڙن کي مبارڪون ڏيون ٿا، آزاد انور مهر لکيو ته ”پنهنجي اخبار“ پروپئگنڊا ۽ رڪاوٽن باوجود ڪاميابي جا ٻه سال مڪمل ڪري تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي.ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته ٻنهي ادارن ٿورڙي عرصي ۾ سٺي مڃتا ماڻي ورتي آھي. خاص ڪري پنهنجي اخبار جي ايڊيٽوريل ۽ سوشل پيج تي سٺو مواد شايع ٿي رهيو آھي. عبدالرزاق نندواڻي لکيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز گهٽ وقت ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آهي مظلومن جو آواز ايوانن تائين پهچايو آهي. عبداللطيف شر لکيو ته پنھنجي اخبار ٽائيم نيوز ٿوري عرصي ۾ جيتري مقبوليت ماڻي ايتري ڪنھن به اداري ناھي ماڻي سڄي ٽيم کي لک لک مبارڪون ھجن، اعجاز علي تيوڻو لکيو ته ٿورڙي وقت ۾ پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز تمام بھترين صحافتي ذميواريون ادا ڪندي پاڻ مڃرايو آھي، احمد علي سيال لکيو ته پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ٽيم وڏي محنت آهي جو ٿوري وقت ۾ جيڪو پنهنجو نالو ڪڍيو آهي سموري ٽيم ۽ علي قاضي کي مبارڪون ڏيان ٿو. جاويد هڪڙو لکيو ته سچ ۾ پنهنجي اخبار اسان جي پنهنجي اخبار آهي، هر ڪنهن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جي اجازت، پيار احترام ملي ٿو، هر ڪنهن جو آواز اجاگر ڪيو پيو وڃي، عطاءُالله قادري لکيو ته ٻئي ادارا ترقي ڏانهن وڌي رهيا آهن. محمد خان لکيو ته تمام ٿوري عرصي ۾ تمام وڏو نالو ٺاهيندڙ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز کي سالگرهه جون مبارڪون هجن، نعمت الله خان نهڙي لکيو ته تمام ٿوري وقت پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ٽيم وڏي محنت ڪري پنهنجو هڪ الڳ مقام بنايو آھي اسانجي اها دعا آھي اڃا وڌيڪ پنهنجي منزل ڏانهن قدم وڌائين، ممتاز مهر لکيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پنهنجو مٽ پائڻ آھن سنڌ جي هر اشو کي بهتر نموني پيش ڪيو اٿن دعا آھي ته ڪاميابيون ماڻيندا رهن. آصف علي ميمڻ لکيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز غريب مظلوم عوام جو آواز آهن، الله پاڪ وڌيڪ ڪاميابيون عطافرمائي. نظام چانڊيو سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون، آصف علي راڄپر لکيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز هميشه غريب عوام جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچايو آهي، منظور هاليپوٽو لکيو ته مون کي ڏھه سال نيشل انٽرنيشنل ادارن ۾ ڪم ڪندي ايڏي شھرت نـ ملي سگھي جيڪا مونکي پنهنجي اخبار ۾ صرف ڇھه مھينا لکڻين جي ڪري ملي آھي، هي اخبار نوجوانن کي لکڻ جو موقعو ڏئي ٿي. محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته پنهنجي اخبار پرنٽ ميڊيا ۾ مختصر عرصي دوران وڏو نانءُ ڪمايو آهي سنڌ جي غريب مظلوم عوام جو درد بڻيل آهي. بشير ميراڻي لکيو ته اداري ۽ سنڌ کي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سالگرھه جون واڌايون. صحافت جي دنيا ۾ پنهنجي اخبار هڪ بهترين اخبار آهي، هن ۾ جيڪي به شعبا آهن سڀئي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. عاشق حسين لکيو ته پنھنجي اخبار صحافت ۾ نوان لاڙا پيدا ڪيا آھن ھڪ بهترين سلسلو سوشل ميڊيا پيج جو شروع ڪيو آهي جنھن ۾ عام ماڻھن جي آواز کي جڳھه ڏني وئي آھن، جنھن ۾ ڪافي مسئلا اجاگر ٿيا آھن ۽ ماڻھن کي ريليف ملي ٿو، غلام راهمون جوڻيجو لکيوته سنڌ جي پنھنجي اخبار سنڌ جوحقيقي آواز آھي غريبن مسڪين جو ھميشھ آواز بلند ڪيو آھي، سجاد علي رند لکيو ته ٻنهي ادارن کي سالگرهه جون مبارڪون، ٻنهي ادارن آزاد صحافت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، شفقت علي لکيو ته سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ کي به ڪوريج ڏيو، پنهنجي اخبار وڏي پئماني تي سنڌ جي مسئلن جو حقيقي آواز آهي.غلام مرتضيٰ شر لکيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار مظلومن جو آواز ايوانن تائين پهچايو آهي، رضا راڄپر لکيو ته پنهنجي اخبار غريب مسڪين ماڻھن جي ترجمان اخبار آھي، شهزاد علي ميمڻ لکيو ته مظلومن جو آواز ايوانن تائين پهچائڻ تي جس هجي، محمد صادق سومرو لکيو ته اسان پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سالگرهه جون مبارڪون ڏيون ٿا، علي رضا شاهه لکيو ته هي واحد اخبار آهي جنهن سنڌي ماڻهن کي ڀرپور موٽ ڏني آهي، ظفر حسين لکيو ته پنهنجي اخبار بهترين اخبار آهي، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته پنهنجي اخبار ۾ سوشل ميڊيا پيج جو سوال وارو سلسلو ۽ ٽائيم نيوز تي اوپينيئن وٿ علي قاضي يقينن ڪامياب پروگرام آهن انهن جي ڪري پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سنڌ ۾ مقبوليت ملي آهي ۽ اسان جون نيڪ تمنائون پنهنجي اخبار سان گڏ آهن.ڀنڀو خان چانڊيو لکيو ته پنهنجي اخبار هڪ بهترين اخبار آهي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي جي ترجماني ڪري ٿي، سوشل ميڊيا توڙي رپورٽر کان سواءِ نوجوانن لاءِ هڪ ڪارائتو پليٽ فارم ٿي اڀري آهي ۽ ٽائيم نيوز سنڌي ميڊيا جو هڪ بهترين چينل آهي، عبدالغني کوسو لکيو ته پنهنجي اخبار ٻن سالن جي ۽ ٽائيم نيوز هڪ سال مُختصر عرصي ۾ سنڌ واسين جي دلين تي راڄ ڪري ورتو آھي، نور احمد کوسو لکيو ته الله پاڪ کان دعا آھي اڃان وڌيڪ ڪاميابيون ماڻيو، ٻلونت سنگهه سوڍو لکيو ته پنهنجي اخبار هن وقت جي سڀ کان بهترين اخبار آهي، امان الله چانڊيو لکيو ته مظلومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ساٿ ڏيندڙ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سموري ٽيم کي سرخ سلام، خالد رئوف مغيري لکيو ته اميد آھي ته علي قاضي صاحب جي اڳواڻي ۾ پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي هميشه جيان الڳ جذبي سان ڪم ڪندا، خميسو ڀيل لکيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سٿ کي سالگرهه جون مبارڪون هجن، عمر پنهور لکيو ته پنهنجي اخبار بهترين ڪم ڪري رهي آهي، علي ذاڪر تنيو لکيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز تمام بهترين ڪم ڪيو آهي، محمد شريف ڄامڙو لکيو ته ٽائيم ٽي وي نيوز چينل ۽ پنهنجي اخبار سنڌي ميڊيا ۾ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، سنڌ جي ٻيٽن جو مسئلو ھجي يا عوام سان ٿيندڙ ناانصافين جو، ٻنهي ادارن پاڻ ملهايو آهي، شهباز شر لکيو ته پنهنجي اخبار بهترين اخبار آهي، عرفان سيلرو لکيو ته پنهنجي اخبار جو ڪم ٻين اخبارن کان تمام سٺو آهي، شهزاد سليم راڄپر لکيو ته پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز ٿوري عرصي ۾ وڏي مڃتا ماڻي آهي، وقاص ياسين لکيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ٽيم جاکوڙي آهي .ماروئڙن غريبن سنڌ واسين جو آواز آهن، بشير رضا مهر لکيو ته سالگرهه جون مبارڪون هجن، موسيٰ ڪاظم لکيو ته پنهنجي اخبار کي ٻه سال مڪمل ٿي ويا آهن پر محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته پنهنجي اخبار ڄڻ 25 سالن کان ڪم ڪندڙ ادارو آهي. مولا اڃا وڌيڪ اخبار کي ڪامياب ڪري، عامر حسين لکيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز ٿوري عرصي ۾ ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري وئي آهي، مير ذوالفقار چانڊيو لکيو ته پنهنجي اخبار جي مڪمل سٿ جي محنت سان اخبار تمام مقبول وڃي رهي آهي، گھٽ پيسن سان وڌيڪ خبرون پڙهي سگھجن ٿيون، ربنواز شر لکيو ته پنھنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ٽيم جي وڏي محنت آهي جو ٿوري وقت ۾ وڏو نانءُ ڪمايو آهي، صوفي فيض درس لکيو ته پنهنجي اخبار جو خاص سوشل ميڊيا وارو پيج ڏاڍو وڻندڙ آهي جنهن اسان راءِ جو اظهار ڪري سگهون ٿا، الله رکيو سيال لکيو ته روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز رپورٽرن کي سکڻ جو موقعو فراهم ڪيو آھي، سمير احمد، توفيق شر، بادل سگراماڻي، محمد خالد ميمڻ، عادل الاهي بخش، رحيم کوسو لکيو ته ٿورڙي وقت ۾ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پنهنجو وقار ٺاھي چڪي آهي ٻئي ادارا مظلومن جو آواز آهن، مولائي اسد ماڇي لکيو ته پنهنجي اخبار کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا پنهنجي سوشل ميڍيا پيج سٺو لڳو، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته هينئر سوشل ميڊيا جو دور آهي، پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي خبرون وقت سر ملن ٿيون، لال محمد رند لکيو ته سوشل ميڊيا جو دور هئڻ باوجود به جيڏي هن اخبار جي عوام جي اندر مقبوليت آھي ايتري ٻي ڪنهن به اخبار جي ناهي، پنهنجي اخبار نوجوانن کي به هڪ سٺو موقعو ڏنو آھي،سوال/ سروي ۾ مختلف مسئلن تي راءِ ورتي وڃي ٿي. راشد لطيف لکيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار ٻين ادارن کي پنهنجي ڪاپي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جاويد مريداڻي لکيو ته منهنجي پسنديده اخبار پنهنجي اخبار آهي جتي سوشل ميڊيا جون خبرون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون، ڪشمور کان ڪينجهر ڪراچي کان ڪاڇي بدين کان ٿر تائين هر ننڊي وڏي شهر جي بهترين رپورٽنگ ٿئي ٿي تمام بهترين آرٽيڪل شايع ٿين ٿا، مشتاق ڪنڀر لکيو ته پنهنجي اخبا رجو اسٽوري ورڪ ۽ فالو بيڪ وارو سلسلسو سٺو آهي، ساگر امير حيدر لکيو ته پنهنجي اخبار ۽ٽائيم نيوز ڊرائنگ رومن جي صحافين کي لوگو هٿ ۾ کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، وڏن چئنلن جي وڏن صحافين جا پگهر ڪڍي ڇڏيا آهن، حنيف رضا بلوچ، عجب گل، علي محمد کوسو، ضمير بلوچ، شوڪت علي کيبر، اسد خاصخيلي، امتياز جمالي، ضياءُ الرحمان ناريجو،خادم کهڙو، عبدالهادي، عاقب نظاماڻي، وفا بابو پٺاڻ، مسرور شر، راجا حيدر ٿيٻو، نعمان غوري، ابراهيم مخدوم، عبدالحفيظ ويسر، جنيد زرين بلوچ پڻ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سالگرهه تي مبارڪن سميت ساراهه ڪئي.