لعلورائنڪ ( ن پ ا) لعلورائنڪ ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين عُبيد سولنگي، ممتاز شيدي، عبدالوحيد مغيري، عرفان شاھ  احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته يوسي انتظاميه جي بي ڌياني سبب شيدي پاڙو گندگيءَ جو ڍير بڻجي ويو آهي، بدبوءِ سبب بيمارين جنم ورتو آهي، هنن لاڳاپيل انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته صفائي ڪرائي وڃي.