لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ اسٽيوٽا جي ملازم تنظيم آل سنڌ ووڪيشنل ايمپلائيز آرگنائزيشن جي ملازم اڳواڻن اعجاز ساريو، عبدالرحمان سومرو، نويد چهواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 2010ع ۾ اسٽيوٽا ادارو ٺهڻ بعد ووڪيشنل ونگ جي ملازمن کي ان ۾ ضم ڪيو ويو، اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪندي پروموشن سميت جائز حقن کان محروم رکيو ويو آهي پروموشن جي انتظار ۾ ڪيترائي ساٿي ملازم رٽائرڊ ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترا رٽائرڊ جي ويجهو پهچي چڪا آهن. اپگريڊيشن ڏئي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ سان گڏ اداري اندر ويٺل ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ تدرسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.