لاکاروڊ (ن پ ا) لاکا روڊ ڀرسان نوجوان مبينا طور پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. ڳوٺ ڪريم ڏنو خاصخيلي واسي 18 سالن جي نوجوان ملوڪ پٽ محمد ابراهيم خاصخيلي مبينا طور پاڻ کي گولي هڻي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي زخمي حالت ۾ پهريان لاکاروڊ اسپتال آندو ويو جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪنڊيارو اسپتال نيو ويو جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. اهڙو اطلاع ملڻ تي سندس گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. واقعي بابت پوليس ٻڌايو ته فوتي جي وارثن ڄاڻايو آهي ته نوجوان خودڪشي آهي، فوتي جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال محرابپور نيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم بعد خبر پوندي ته گولي ڪيئن لڳي آهي، پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.