ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ حسين آباد جي رهواسڻ ناري ڪائنات ڌيءُ نور محمد اڄڻ مبينا طور گهريلو اڻبڻت تان رات جو دير سان ڪاوڙجي هلي وئي، ڳولا بعد وارثن کي ميرواهه ڪئنال جي ڪپر تي ناري جي جتي ملي، ان حوالي سان ناري جي پيءُ ٻڌايو ته ڌيءُ ميرواهه ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي، جنهن جو ثبوت سندس چپل آھي، جيڪا ڪئنال جي ڪپر وٽان ملي آهي، ٻي طرف ڪوٽڏيجي پوليس ٻڌايو ته جاچ ڪيون پيا ته اصل حقيقت ڇا آھي، مقامي ٽوٻن کي به گهرايو آهي جيڪي ناري جي ڳولها ڪري رهيا آهن.