لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ممتاز ڪالوني ۾8 ورهين جو نينگر عرفان لهر گهر اندر پسٽل سان راند کيڏندي مبينا گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ کڻائي آيا، جتي نينگر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، نينگر جي ڀاءُ وزير علي لهر ٻڌايو ته نينگر کي راند کيڏڻ دوران لوڊ ٿيل پسٽل مان اوچتي اتفاقي گولي لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو، ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.