ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) پي پي ايچ آءِ ميرواهه گورچاڻي سينٽر ۾ ڳوٺ حاجي ميرخان گورچاڻي مان آيل 3 مهينن جي ڳورهاري عورت حاجي عبدالرزاق جي گهرواري کي بليڊنگ شروع ٿيڻ بعد پي پي ايچ آءِ ميرواهه گورچاڻي سينٽر آندو ويو جتي ڏيڍ ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ بعد ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر علاج ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، سينئر صحافي اسماعيل گورچاڻي ٻڌايو ته مان معاملي بابت پڇا ڪرڻ لاءِ ويس ته سينٽر جي گيٽ تي موجود پٽيوالي کيس گٿا لفظ ڳالهائي گلي مان جهلي ٻاهر ڪڍي ورتو ۽ ويڊيو ريڪارڊنگ ڪرڻ دوران موبائيل کسڻ جي ڪوشش ڪئي. هوڏانهن صحافي اسماعيل گورچاڻي ٻڌايو ته مون علاج نه ڪرڻ جي شڪايت پي پي ايچ آءِ ميرپورخاص جي سينئر ڊاڪٽر هدايت ميمڻ کي پڻ ڪئي جنهن بجاءِ تدارڪ ڪرڻ جي پٽيوالي کي چئي تذليل ڪرائي آهي. هن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن پي پي ايچ آءِ جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر هدايت الله ميمڻ موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته پي پي ايچ آءِ انتظاميا تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، مريض جي حالت سيريس هئي جنهن کي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرياڻي تپاسي چيو ته اوهان ڪنهن ويجهي تعلقي اسپتال يا ضلعي اسپتال کڻي وڃو، وارثن ضد ڪيو ته عورت جو علاج ڪيو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن اسان جي اسٽاپ طرفان ڪمي ڪوتاهي ٿي آهي ته جاچ ڪئي پئي وڃي.