جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مال جي واپاري پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڳوٺ قلندر بخش جکراڻي ۾ مال جي واپاري رشيد احمد جکراڻي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، نوجوان جي ڀاءُ راجا عرف يعقوب جکراڻي ٻڌايو ته ڀاءُ مال جو واپاري ھو، ھو سکر کان مزدا تي ڍور خريد ڪري آيو، گھر پھچي چيو ته ٻارن جي پارت اٿئي، ڪجهه دير بعد واقعو پيش آيو.