لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 12ورهين جو نينگر آڪاش ۽ کيس بچائڻ لاءِ آيل سندس والد ديدار چانڊيو بيهوش ٿي ويا، جن کي وارثن پاڙيسرين سان گڏجي کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي ديدار چانڊيو ٻڌايو ته پيءُ پٽ جڳھه ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪري رهيا هئاسين بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب متاثر ٿياسين.