ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاران ڪراچي ۾ بدامني خلاف مظاهرو ڪيو ويو، ريگل چوڪ تي ٿيل مظاهري کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته  شهر ۾ هن وقت ڌاڙيلن کي کليل ڇوٽ مليل آهي، جن کي مافياز جي پٺڀرائي حاصل آهي، پوليس کي ڏوهارين جي مڪمل خبر آهي، انهي عمل ۾ پ پ سرڪار سڌي ريت ملوث آهي، هن چيو ته عوام جو پوليس تي ڀروسو ناهي،  هاڻي ماڻهو وارداتن جا ڪيس به داخل نٿا ڪرائين، رينجرز  پنهنجي طاقت سان اختيار حاصل ڪري، هن چيو ته پوليس جي وڏي نفري وزيرن، مشيرن ۽ آفيسرن جي بيگمات جي سيڪيورٽي تي مقرر ٿيل آهن، هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڏوهن تي ضابطو نه آيو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.