لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي ۾ ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي سبب ڪتن جو آزار وڌي ويو، هڪ ئي ڏينهن  ۾ ڪتن 18 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ 5 ورهين جو آزاد علي، 15 ورهين جو دل شاد، 60 ورهين جو ڪريم بخش، 10 ورهين جو علي رضا سميت ٻيا شامل آهن. متاثرن کي وارث کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اي آر وي سينٽر تي منتقل ڪيو جتي ويڪسين ڪرائي  مرهم پٽي ڊاڪٽرن پاران کيس گهر اماڻي ڇڏيو آهي.