ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ ڪانڊيرو ڪيريو ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 9 ڳوٺاڻن جا گهر سڙي  رک ٿي ويا، جڏهن تـ گهرن ۾ پيل قيمتي سامان سميت  مينھن ۽ ٻڪرين سميت 8 ڍور سڙي مري ويا،  اطلاع ملڻ بعد فائربرگيڊ پهچي باھ تي ضابطو آندو،  متاثر ڳوٺاڻن ۾ محمد صديق ڪيريو، محمد ثمين ڪيريو، طالب ڪيريو، عظيم ڪيريو، بشير ڪيريو، حنيف، عبدالغفور، راهب علي ۽  عبدالرشيد ڪيريو جا گھر شامل آھن.