لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو) ايس ايس پي  لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 26 جون تي ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ اي ايس پي ميان علي رضا سميت ضلعي جي سمورن ڊي ايس پيز انسپيڪٽر اسد الله شيخ،  راشد خان پٺاڻ،  ڊي آءِ بي منير احمد سمون، ايس ايچ اوز، وڏن منشين ۽ سمورن برانچن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي چيو ته مڪاني چونڊن جي دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان لاڳو ڪيل قلم 144 تي بنا ڪنهن فرق تي عمل درآمد ڪيو وڃي، مڪاني چونڊن دوران لاڙڪاڻو پوليس طرفان 4 هزار پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا، رينجرز جي 400 جوانن سميت پاڪ فوج به مدد ڪندي. هن چيو ته ضلعي اندر مجموعي طور 711 پولنگ اسٽيشنون آهن جن مان 270 انتهائي حساس، 120 حساس ۽ 321 نارمل آهن، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. مڪاني چونڊن ۽ موجوده صورتحال توڙي سمورن خطرن کي نظر ۾ رکندي ڪوئيڪ ريسپانس فورس ٺاهي وئي آهي، سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز توڙي وڏا منشي پنهنجي عملي کي اليڪشن ڪميشن جي ايس او پيز جي باري ۾ آگاهه ڪن، ايس ايڇ اوز پنهنجي پنهنجي علائقن جي سمورن پولنگ اسٽيشنن جا ذميوار هوندا جتي هو گشت به ڪرڻ سان گڏ پولنگ اسٽيشنن جو جائزو به وٺندو رهندو، سمورا ڊي ايس پيز پنهنجي پنهنجي سب ڊويزن ۾ گڏجاڻيون ڪن، ڪوئيڪ ريسپانس فورس کي پوري ضلعي جي سيڪٽر ۾ ورهايو ويو آهي هر سيڪٽر وٽ ٻه پوليس موبائيلون ۽ 15 جي نفري هوندي، ڪوئيڪ ريسپانس فورس جي ذميواري هوندي ته هو ڪنهن به ايمرجنسي جي صورتحال ۾ فوري طور تي ان جو اطلاع ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي ڏئي فوري طور ٻڌائيندو جيئن پولنگ اسٽيشن تي پهچي ڪري صورتحال تي ڪنٽرول ڪري سگهجي. سمورن سياسي جلسن ۽ ٻين پروگرامن ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لڳائي وئي آهي، هٿيارن جي نمائنش ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، ڪو به اميدوار پولنگ اسٽيشن تي ڀڃڪڙي ڪندو ته ان خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ تاحيات اهو اميدوار نااهل هوندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي هر حال ۾ عمل درآمد ڪرايو ويندو، سمورا ايس ايڇ اوز پنهنجي حدن ۾ اسنيپ چيڪنگ ۽ پئٽرولنگ ڪندا، سمورا ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز چونڊن دوران پولنگ اسٽيشنن تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪارن جي کائڻ پيئڻ ۽ رهائش جو بهتر انتظام ڪن، پولنگ اسٽيشنن تي ڊيوٽي ڪندڙ سمورن پوليس آفيسر ۽ اهلڪار بهترين ٽرن آئوٽ ۽ چستي سان ڊيوٽي سرانجام ڏين. هن چيو ته پوري ضلعي ۾ مڪاني چونڊن جي نگراني لاءِ ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻو ۾ سڄي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، چونڊن جي سموري عمل ۾ قانون جي رٽ قائم ڪئي ويندي جيئن امن امان جي فضا برقرار رهي ڇاڪاڻ عوام جي جان توڙي مالڪ جي حفاظت ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي.