گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ميونسپل ڪاميٽي  جي اڳوڻي چيئرمين ۽ مهر گروپ جي اڳواڻ سيد اصغر علي شاهه الزام هڻندي چيو آهي ته آر اوز ضلعي انتظاميا جي هدايتن تي گهوٽڪي شهر جي  12 وارڊن تي حڪومتي ڌر جي اميدوارن جي شڪست اچڻ جي خدشي سبب ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر  پاران آر اوز کي حڪم  جاري ڪيو  ويو آهي ته  ته ميل ۽ في ميل پولنگن تي پرزائيڊنگ ان شخص کي مقرر ڪيو وڃي جيڪو بيلٽ پيپر جي 2 سو ووٽن واري بوڪ ڏيڻ جي حامي ڀري، هن چيو ته اسان کي باخبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته گھوٽڪي شھر جي سمورن وارڊن تي پيپلزپارٽي اميدوارن جي شڪست ڏسي هر ميل في ميل پولنگ تي پرزائيڊنگ کان اڳ ۾ ئي بيلٽ پيپر بوڪ ورتو ويندو جيئن پيپلزپارٽي اميدوارن کي جعلي ٺپا هڻي ڪامياب ڪرائي سگهجي،  هن مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس ورتو وڃي.