جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڊي آر او جي غير سنجيدگي سامهون اچي وئي آهي آزاد اميدوار  طور ميونسپل جي وارڊ 14 تي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ رٽائرڊ استاد عبدالمالڪ گولو جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران رٽائرڊ استاد جي وارڊ نمبر 21 تي پولنگ آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ رٽائرڊ استاد عبدالمالڪ گولو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آئون آزاد طور وارڊ جي اليڪشن ۾ حصو ورتو آهي منهنجي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي اهو انتظاميا جو ڪم آهي ڇو ته تصديق ڪرڻ بعد ڊيوٽيون لڳائڻ گهرجن ها جڏهن ته ضلعي انتظاميا جي غير سنجيدگي بابت حڪمران جماعت کان سواءِ سڀني پارٽين جي اڳواڻن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪا ضلعي انتظاميا ڊي آر او جون ڪوششون آهن ته صاف شفاف اليڪشن ناممڪن بڻجي وئي آهي ڇو ته بنا تصديق جي ڊيوٽيون لڳايون وڃن ٿيون واضح رهي ته ان کان اڳ به رٽائرڊ استاد کي پرزائيڊنگ آفيسر ۽ چوڪيدار کي اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.