لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو، وحشي صفت ڀاءُ رشتن کي لڄائي ڇڏيو، نوجوان ڀيڻ سان مبينا لڄالٽ، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، خبر موجب شهر جي لُهر ڪالوني ۾ وحشي صفت جوابدار ڀاءُ محمد امين ڪوريجو پنهنجي 17 ورهين جي ڀيڻ ريما ڪوريجو کي صبح جي وقت گهر اندر مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻايو، ناري جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي حد جي پوليس پهچي تفصيل ورتا، جنهن بعد پوليس ڪاروائي ڪري جوابدار محمد امين ڪوريجو کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ناري جي ماءُ مسمات مجيدان خاتون ڪوريجو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف ناري ۽ جوابدار کي ميڊيڪل لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم طرفان ٻنهي جو ميڊيڪل ڪيو ويو، جنهن بعد ناري کي سخت پوليس پهري هيٺ گهر روانو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ناري جي امڙ مجيدان خاتون ٻڌايو ته ڪالھه صبح جو ڌيءَ ريما گهر ۾ ننڊ پئي هئي ته پٽ محمد امين ڪوريجو ساڻس زيادتي جو نشانو بڻايو، جڏهن ته نياڻي جي رڙين تي مون پهچي پٽ کي منع ڪئي پر هن منهنجي هڪ به نه ٻڌي ۽ بعد ۾ فرار ٿي ويو. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته جوابدار کي سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.