ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال جي خواهش هئي ته هو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿئي، موٽ ۾ کيس ڪراچي جو ميئر ڪيو وڃي پر اها سندس ڀل آهي، مصطفي ڪمال وٽ جڏهن هٿيار هئا، تڏهن به پي ٽي آءِ ڪارڪنن وٽ جذبو هو، اڄ به مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم جي سمورن دهشتگردن کي پاڻ سان گڏ ويهاري ويٺو آهي، ڪالهه انصاف هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال سان انيس احمد خان ايڊووڪيٽ، ڊاڪٽر صغير ۽ رضا هارون گڏ ناهن، تهذيب ۽ ادب رکندڙ ماڻهو کيس ڇڏي چڪا آهن، هن چيو ته اطلاع آهن ته ڪورونا مريضن کي متاثر ڪندڙ بليڪ فنگس ( ڪارو سينور) ڪراچي پهچي چڪو آهي، ان موقعي تي سعيد آفريدي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.