لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ نواز رنگ روڊ منصوبي ۾ ڪرپشن ۽ بي قاعدگين بابت پنجاب حڪومت جي انڪوائري رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي. ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته رنگ روڊ اسڪينڊل جي تحقيقاتي رپورٽ سامهون آڻڻ کانپوءِ بنا فرق جي ڪارروائي جي نه گرفتارين جي ضرورت آهي. هن چيو ته انڪوائري رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ عمران خان ۽ عثمان بوزدار سميت سمورن ذميوارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران خان صاحب ۽ عثمان بوزدار رنگ روڊ اسڪينڊل جا جوابدار آهن، انهن جي هوندي بنا فرق جي ۽ شفاف انڪوائري ممڪن ناهي، مافيائن جي سهولت ڪاري ٿي سگھي ٿي. ٻئي پاسي مسلم ليگ ن الزام هنيو آهي ته وزيراعظم کي عيد جي ڏينهن به شهباز شريف جو خوف کائي رهيو آهي، ان ڪري هن انتقامي ڪارروائي جو مظاهرو ڪندي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجھڻ جي منظوري ڏني.