لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ناٽڪ لکيو لوح قلم پيش، سهڻي ناز، محبوب ٽوٽاڻي ۽ ٻين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. تفصيل موجب موهن موھن جي دڙي جي کوٽائي کي هڪ صدي پوري ٿيڻ تي سنڌ جي ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان پروگرام ڪرايو ويو. نامور ھدايتڪار عبدالھادي بگٽي جي ڊائريڪشن ۾ اياز شيخ جي لکيل ڪھاڻي سنڌي اسٽيج ناٽڪ لکيو لوح قلم پيش ڪيو ويو جنھن ۾ محبوب ٽوٽاڻي، سھڻي ناز، نياز شيخ ذوالفقار، واحد حاڪم آزاد، محب گوپانگ، سليم چچو، ارباب شيخ، فدا جتوئي ۽ ٻين پنھنجي فن جا جوھر ڏيکاري وڏي تعداد ۾ ڊرامي کي ڏسڻ لاء آيل ماڻھن کي لطف اندوز ڪيو. ان موقعي تي ڊرامي مان لطف اندوز ٿيندڙ شهرين پنهنجي اخبار سان ويچار ونڊيندي خوشي جو اظهار ڪندي چيو اسان وٽ اسٽيج ڊرامن ۾ فن جي دنيا ۾ ڪلاڪار فنڪارن جي اگر حوصلا افزائي ڪري اهڙا پروگرام سرڪار پاران هر شهر ۾ ڪرايا وڃن ته جيئن فنڪارن جي پيٽ گذر سان گڏوگڏ شهرين ۾ شعور پيدا ٿي سگهي. اڄوڪي ڊرامي ۾ فن جو مظاهرو ڪندڙ فنڪارن زبردست انداز ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن. جنهن کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ لطف مليو آهي.