لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سينٽرل پنجاب ايسوسيئيشن جي سمورين 19 سٽي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي 17 ٽيمن ۾ شامل رانديگرن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. پي سي بي 93 سٽي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ بلوچستان جون13، سينٽرل پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون 19-19، سنڌ جون 17 ۽ سدرن پنجاب جون 14 ٽيمون شامل آهن. ٽورنامينٽ ۾ شامل هر ميچ 2 ڏينهن تي ٻڌل هوندي، هڪ ڏينهن ۾ 100 اوور ٿيندا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب سمورا اسڪواڊ 5 جولاءِ کان 6 آگسٽ تائين جاري رهندڙ انٽرسٽي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندا.