لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو جا ستايل شهري روڊن تي نڪري آيا، شهر جي اولڊ مراد واهڻ محلي جي راهوسين ايس ايس پي چوڪ تي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن غلام رسول عمراڻي، سرور سنڌو، عباس شيخ، فدا حسين عمراڻي ۽ بين چيو ته سندن محلي ۾ گذريل هڪ مهيني کان بجلي 10. 10 ڪلاڪ بند ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جي بندش ختم ڪئي وڃي.