ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ مٺو سولنگي واسي معصوم نينگر سان مبينا طور جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش، نينگر والد سان گڏ ٺاروشاهه ٿاڻي تي پهتو، هڪ ڄڻي خلاف اين سي داخل. ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ مٺو سولنگي واسي پورهيت جمال الدين سولنگي ٺاروشاهه ٿاڻي تي پهچي دانهيندي ٻڌايو ته منهنجو معصوم پٽ 9 سالن جو جنسار سولنگي ڳوٺ ڀرسان باغ مان ڪاٺيون کڻڻ ويو هو ته اتي ڳوٺ جو بااثر الطاف سولنگي منهنجي معصوم پٽ کي زبردستي هراسان ڪري جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته پٽ زوردار رڙيون ڪري فرار ٿي گهر پهتو. هن چيو ته اسان ڄاڻايل جوابدار جي در تي وياسين ته هن اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ته ڪنهن کي به دانهن ڏيندو ته توهان کي ماري ڇڏيندس. هن چيو ته جوابدار بااثر آھي پوليس هن خلاف ڪارروائي ڪري اسانکي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪري. جڏھن ته ٺاروشاھ پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپن جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو.