لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)  جيل پوليس ۾ ڀرتين لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن سان واسطو رکندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احسن امداد جتوئي، ظهير ڪنڀر، اسد حسين جتوئي، گل نواز مگسي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن سان واسطو رکندڙ 200 کان وڌيڪ اميدوارن 70 کان 82 مارڪون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي پر ان باوجود اسان کي نظرانداز ڪري 40 مارڪون حاصل ڪندڙ ۽ ڪجهه ٽيسٽن ۾ فيل ٿيل اميدوارن کي سياسي سفارش ۽ رشوت عيوض آفر آرڊر ڏنا ويا  هنن مطالبو ڪيو ته ميرٽ تي آفر آرڊر ڏنا وڃن، ٻي صورت سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ سان گڏ احتجاج جي دائري کي وڌايو ويندو.