ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٺٽي ضلعي جي 67 پوليس اھلڪارن جو 2020 ع کان پگهارون نه ملڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو، عدالت آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ گهرو کاتي تي ٻڌل 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، ڪاميٽي پنهنجون سفارشون ھڪ مھيني اندر وڏي وزير کي اماڻيندي، جڏهن ته وڏو وزير اھلڪارن کي نوٽيفاء ڪري پگهارون جاري ڪندو، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ درخواستگذارن جي وڪيل موقف ڏيندي چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ 2011 کان 2014 ع دوران ڀرتي ٿيل 67 اھلڪارن جون 2020ع کان پگهارون بند آهن، شڪايت ڪرڻ باوجود پگهارون جاري نه پيون ڪيون وڃن،