ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر تعلقي ۾ بک، غربت ۽ مهانگائي سبب  80 سيڪڙو ماروئڙن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي، کين ڊجيٽل آدمشماري به وسري وئي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب سوين خاندانن پنهنجن ٻار ٻچن سميت بئراجي علائقن ڏانهن ڪڻڪ جي لاباري جي مزدوري لاءِ لڏپلاڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري هزارين ننگرپارڪر تعلقي جا خاندان آدمشماري کان رهجي وڃڻ جو خدشو ٿي پيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ننگرپارڪر تعلقي جي مختلف ڳوٺن مان هڪ ڏينهن اندر 30 گاڏيون ڀرجي روانيون ٿيون آهن، ان سلسلي ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ ڪرشن، گينو ڪولهي، پريمون ڪولهي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هن مهانگائي جي دور ۾ اسان وٽ ٻچن کي کارائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، ٻهراڙين ۾ ڪلو اٽو وٺڻ کان لاچار آهيون، سنڌ سرڪار لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته منافعي خورن کي روڪڻ وارو ڪير به ناهي.