موهن جو دڙو (ن پ ا) فرانس جو 13 ڄڻن جو وفد ناصر بيگ جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو.  وفد موهن جي دڙو جي مختلف ايرياز ڊي ڪي ايريا، ايڇ آر، اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا. ان موقعي تي فرانس جي  رڏيهي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ ناصر بيگ جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو هن چيو ته هتان جي ماڻهن هزارين سال اڳ به وڏي جوڙجڪ سان وڏا ڪشادا گهر ٺاهيا هئا آثار ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آهن هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. پرڏيهي وفد جي سيڪورٽي تمام سخت ڪئي وئي هئي جڏھن ته موهن جي دڙي تي پرائيويٽ گائيڊ موهن جي دڙي جي متعلق بريفنگ ڏني.