لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي هندو ڌرم شالا ۾ اقليتي معاملن واري کاتي طرفان مستحق مرد ۽ عورتن ۾ امدادي چيڪ ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اقليتي معاملن واري کاتي جي ڊائريڪٽر امير شاهه، هندو پنچائت اڳواڻ ڊاڪٽر ڌرم پال ۽ ٻين  190 مستحق مرد ۽ عورتن سميت 60 نوجوانن ۾ 20، 20 هزار رپين جا چيڪ ورهايا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽر ڌرم پال ٻڌايو اسين چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر ۽ اقليتي معاملن واري کاتي جي صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي جا شڪر گذار آهيون جن اقليتي برادرين جي مالي سهائتا ڪري امدادي چيڪ ڏنا ويا آهن.