ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) عدالتي حڪم تي زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 هاري بازياب، خبر موجب ٽنڊو جان محمد ٿاڻي جي حد بالو جي ڪيمپ ڳوٺ چوڌري حسين ۾ زميندار اسلم پنجابي ۽ محمد طارق جي مبينا نجي جيلن تي پوليس ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ٿيلن ۾ شريمتي سگنا، ڌنجي، تانجي، مانجي، مڪيش ،  چمن، پوڪا، شمينا، گڏي ۽ ڪريم شامل آهن، پوليس هارين کي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت هارين کي مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي،