لاڙڪاڻو/گمبٽ (نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ۽ گمبٽ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 7 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، خبر موجب
لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ڪورونا آءِ سي يو ۾ وڌيڪ 3 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ 48 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو آهي. ڪورونا وگهي فوت ٿيلن جا مڙهه ضروري ڪارروائي بعد سندن گهرن ڏانهن اماڻيا ويا. صحت کاتي جي ٽيم گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي شڪي 29 ڄڻن جا سيمپل وٺي ليبارٽري اماڻيا، جن مان 9 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي. ٻئي طرف گمبٽ جي گمس ۾ ليور جي ٽرانسپلانٽ لاءِ آيل سيالڪوٽ واسي مريض عامر علي، سوڀوديرو واسي 75 سالن جي حاڪمزادي، ٺري ميرواهه واسي ڊسپينسر فرزند لغاري ۽ سکر واسڻ 68 سالن جي بشيران ڪلوڙ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا.